فريال ٽالپر

فريال ٽالپر

فريال ٽالپر

فريال ٽالپر: مشھور سياستدان ۽ پاڪستان جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جي ڀيڻ فريال ٽالپر 26 اپريل 1958ع تي حاڪم علي زرداريءَ جي گهر، نوابشاهه (شھيد بينظيرآباد) ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم. اي آهي. هن سياست جي شروعات 1990ع ۾ ڪئي. هو پھريون ڀيرو 1997ع جي چونڊن ۾ نوابشاهه جي تڪ (NA-160) تان پ پ پ جي ٽڪيٽ تي مسلم ليگ ن خلاف چونڊ وڙهي. 2001ع ۽ 2005ع جي بلدياتي چونڊن ۾ پ پ پ جي ٽڪيٽ تان نوابشاهه جي ناظم ۽ ميئر مقرر ٿي. 2007ع ۾ بينظير ڀٽو جي شھادت کان پوءِ سندس ٻارن جي قانوني سرپرست مقرر ٿي. 2008ع جي چونڊن ۾ نوابشاهه جي ميئر هئڻ سبب کيس ٽڪيٽ نه ڏني وئي، بعد ۾ ضمني چونڊن ۾ پ پ پ جي ٽڪيٽ تي اين اي 207 (لاڙڪاڻو- شڪارپور، قمبر-شھدادڪوٽ) تان ڪامياب ٿي پھريون ڀيرو قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ٿي. 2013ع جي چونڊن ۾ ٻيو ڀيرو قومي اسيمبليءَ جي ۽ 2018ع ۾ پي ايس 10 (لاڙڪاڻو-1) تان صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر منتخب ٿي. پاڪستان پيپلز پارٽي وومين ونگ جي مرڪزي صدر پڻ رهي چڪي آهي. 2024ع جي عام چونڊن ۾ به پي ايس 10 (لاڙڪاڻو-1) تان صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر منتخب ٿي. ان کانسواءِ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۽ ٻين اهم ادارن جي ڪميٽين جي ميمبر پڻ آهي. سندس شادي مشھور سياستدان مير منور علي ٽالپر سان ٿي، جنھن مان کيس ٽن ڌيئرن جو اولاد آهي.


لفظ فريال ٽالپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.04.26  عيسوي

مشھور سياستدان ۽ پاڪستان جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جي ڀيڻ فريال ٽالپر 26 اپريل 1958ع تي حاڪم علي زرداريءَ جي گهر، نوابشاهه (شھيد بينظيرآباد) ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عباس سارنگ
ڌرمپال اگروال
پير آغا عبدالرحيم رح
علي احمد قريشي
ڄام گوڙجي(ٻيو)
پهلاج راءِ مسافر
سر عبدالرشيد جسٽس
آغا وقار پٺاڻ
شرمين عبيد چناءِ
شبانه اعظمي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون